پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ويجهو جهنگ مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش مليو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ رڙياڙو ڀرسان جهنگ ۾ نوجوان جو وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، نوجوان جي سڃاڻپ 22 ورهين جي دسرت پٽ ليکراج ميگھواڙ ڳوٺ رڙياڙو طور ٿي. ان سلسلي ۾ وارثن ۽ ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته نوجوان آپگهات ڪيو آهي، نوجوان ڪراچي ۾ پئٽرول پمپ تي ملازمت ڪندو هو. اطلاع بعد ڇاڇرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاررائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليیس جو چوڻ هو ته نوجوان جي موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button