پاڪستانسنڌ

ٿر ڪوئلي مان بجلي جا مخالف پاڪستان جي ترقي جا مخالف آهن:وزيراعظم

مٺي/اسلام ڪوٽ: وزيراعظم شھباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي وفاقي ۽ صوبائي ڪابينا سان گڏ ٿرڪول ايريا اسلام ڪوٽ پهچي وڌيڪ 1650 ميگاواٽ بجلي جي ٻن ڌار ڌار منصوبن جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ ٿرڪول بلاڪ ون ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ ڪمپني پاران تيار ڪيل 1320 ميگاوٽ ۽ بلاڪ ٽو ۾ ٿل نوا ڪمپني پاران تيار ڪيل 330 ميگاواٽ بجلي جا منصوبا شامل آھن. جڏهن ته وزيراعظم ٿر ۾ وفاقي سرڪار طرفان وڏي اسپتال قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان ڏس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سنڌ ۾ ٻن وڏن منصوبن جي شروعات ڪئي. ٿر ڪول بلاڪ ون جي سي او ڊي ۾ ڪول مائن اينڊ پاور جنريشن ۽ بلاڪ ٽو جي سي او ڊي ۾ ٿل نووا 330 ميگاواٽ بجلي پيداوار جا منصوبا شامل آهن. ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، چوڌري سالڪ حسين، سنڌ جو توانائي وارو وزير امتياز شيخ ۽ چيني نائب ناظم الامور پانگ چن شوئي پڻ هئا. شهباز شريف سان گڏ پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٿرڪول فيلڊ جي دوري دوران سنڌ ۾ ٻن وڏن منصوبن جو باضابطا افتتاح ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ ۽ ڍال بڻائڻ ناقابل برداشت آهي، ان جي اجازت نه ڏينداسين، آئين پاڪستان هر شي کان مٿي آهي، پنهنجي ذات کي پاڪستان جي مفاد تي قربان ڪرڻو پيو ته ڪو به حرج ناهي. گذريل ڏينهن پاڪ فوج جا آفيسر شهيد ٿيا، اها قربانين جي داستان ورهين تائين رهندي ۽ اسان هن ملڪ ۾ دهشتگردن کي پناهه ڏيون، اهو قابل قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر جو صحرا اڄ سڄي ملڪ ۾ روشني پکيڙي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز بڻجي رهيو رهيو آهي. جيڪي ماڻهو اڄ چون ٿا ته ڪوئلي مان بجلي نه ٺهڻ گهرجي، اهي ٿر جي ڪوئلي مان بجلي جا مخالف ۽ پاڪستان جي ترقي جا مخالف آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٿر جو صحرا اڄ پوري پاڪستان جي لاءِ روشني ڦهلائي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو مرڪز بڻجي رهيو آهي، زراعت، ٽيڪنالاجي، واپار، سيڙپڪاري ۽ اڪنامڪ زونز جو قيام سي پيڪ جو ايندڙ مرحلو آهي، جنهن کي هاڻي اڳتي وڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي، اتحادي حڪومت گڏجي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍندي، پاڪستان جي ترقي جي دشمنن ۽ بدخواهن کي شڪست ڏسڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته اڄ سڄي پاڪستان لاءِ هي خوشي جو ڏينهن آهي ته اڄ ٿر جي صحرا ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڏينهن رات جي ڪوششن سان 330 ميگاواٽ جو هڪ منصوبو ٿر نووا ٿر ۽ 1320 ميگاواٽ جو هڪ ۽ ٻيو منصوبو شنگهائي اليڪٽرڪ جيڪو ٿرڪول بلاڪ سان واڳيل آهي جو اڄ افتتاح ٿيو آهي، ان کانسواءِ ڪوئلو ڪڍڻ جي هڪ ٻئي منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ٿر هڪ صحرا هو ۽ هتي واري جون ڀٽُون هُيون ۽ ان کانسواءِ ڪجهه نه هو، ڏهاڪن جي منصوبابندي ۽ حڪمت عملي جي ڪري اڄ هي صحرا صنعت ۽ هُنر ۾ بدلجي چڪو آهي، واريءَ وارا ميدان هتي اڄ هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، جنهن جي روشني پوري پاڪستان ۾ ڦهلجي رهي آهي ۽ اهي صحرا پوري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڳڙهه بڻجي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڄ اهو چئي رهيا آهن ته ڪوئلي جي بنياد تي بجلي نه ٺهڻ گهرجي، اهي ماڻهو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جا مخالف آهن، ٿر ڪوئلي جا ذخيرا الله تعاليٰ اسان کي تحفي طور عنايت ڪيا آهن ۽ 100 سالن تائين گهربل ذخيرو هتي موجود آهي، جيڪي هزارين ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته 2200 ميگاواٽ بجلي هتي ٺاهي پئي وڃي، جيڪڏهن اها ئي بجلي درآمد ٿيل ڪوئلي جي بنياد تي ٺاهي وڃي ته اربين ڊالر ڪوئلي جي درآمد تي خرچ ٿيندا، ان جي مقابلي ۾ الله تعاليٰ اسان کي مقامي ڪوئلي جي صورت ۾ جيڪو تحفو ڏنو آهي، جيڪڏهن ان کي استعمال ۾ آندو پيو وڃي ۽ وڌيڪ آندو ويندو ته اربين ڊالر جو ڪوئلو درآمد نه ڪرڻو پوندو ۽ هتي هر طرف خوشحالي نظر ايندي ۽ هي صحرا ترقي، ڪارخانن ۽ صنعت جو مرڪز بڻجي ويندو ۽ عوام کي روزگار ملندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي هڪ ڪمائو شهر آهي ۽ اڳ ۾ ئي سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٿر ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي جنهن عظيم منصوبي جي شروعات ٿي آهي اهو پاڪستان جي ترقي، معيشت ۽ خوشحالي ۾ ايندڙ سالن ۾ تمام گهڻي سگهه ڏيندو. هن چيو ته اسان کي ان بابت ڪنهن ٻڏتر جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي ۽ وفاق ۽ سنڌ کي گڏجي سيڙپڪاري ۽ منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، اهڙي طرح ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ترقي جي ڊوڙ ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٽرانسميشن لائينز تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي، بدقسمتي سان گذريل چئن سالن دوران ان حوالي سان ذري برابر جو ڪم به نه ڪيو ويو، 30 اپريل تائين ٽرانسميشن لائينز جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي، جنهن سان هتي پيدا ٿيندڙ بجلي پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچي ويندي. وزيراعظم چيو ته ان حوالي سان فارن ايڪسچينج جو مسئلو هو، جيڪو هاڻي حل ٿي چڪو آهي ۽ ٻاهران مشينري اچڻي هئي، اها اچي وئي آهي. وزيراعظم توانائي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ان ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ائين نه ٿئي جو بجلي موجود هجي پر ان جي پهچ ۾ مسئلو هجي. 30 اپريل تائين ان ڪم کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، توانائي واري وزير ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن کي ان منصوبي تي شاباس ڏيندي چيو ته ٿر جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي. هن چين ۽ پاڪستان جي سيڙپڪارن کي پڻ مبارڪباد ڏني جن ان منصوبي تي ڪم ڪيو. وزيراعظم چيني صدر ۽ چين جي حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن جا پڻ ٿورا مڃيا، جيڪي سمورين مشڪلاتن جي باوجود سي پيڪ جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور طريقي سان ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته زراعت، ٽيڪنالاجي، ٽريڊ، سيڙپڪاري ۽ اڪنامڪ زونز جو قيام سي پيڪ جو اڳيون مرحلو آهي، ان سلسلي ۾ اسان چيني قيادت سان ڳالهه ڪئي آهي، پرڏيهي وزير به ان سلسلي ۾ پوري طرح متحرڪ آهي، چيني عملدارن کي درخواست ڪندس ته هاڻي موقعو اچي ويو آهي ته سي پيڪ جي اڳئين مرحلي کي به اڳتي وڌايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتحادي حڪومت سي پيڪ کي ترقي جو ذريعو سمجهي ٿي، انشاءَ الله اسان گڏجي پاڪستان کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍنداسين ۽ پاڪستان جا بدخواهه پاڪستان جي ترقي جا دشمن آهن، انهن کي شڪست ڏسڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته آئون هتي اڄ سياسي حوالي سان ڪا ڳالهه نه ٿو ڪرڻ چاهيان پر اهو چوڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جو آئين اسان سڀني جي لاءِ مقدم آهي. وزيراعظم منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ۽ پاڪستاني ڪارڪنن کي شاباس ڏني ۽ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي ته اها اڳتي وڌندي ٿر جي صحرا کي هڪ اهڙو شاندار علائقو بڻائي جو نه رڳو پاڪستاني پر دنيا جا ماڻهو ان تي رشڪ ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته اهي منصوبا پاڪ چين اقتصادي راهداري سي پيڪ تحت چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار ڀائيواري جو ثبوت آهن. ٿر ڪول بلاڪ ون جو سي او ڊي ٿر ڪول فيلڊ جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو دنيا ۾ ڪوئلي جي سڀ کان وڏن ذخيرن مان هڪ آهي. شنگھائي اليڪٽرڪ جو انٽرگريٽڊ ڪول مائننگ اينڊ پاور جنريشن پروجيڪٽ سي پيڪ جو هڪ اهم منصوبو آهي، جيڪو پاڪستان کي پنهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ درآمد ٿيل ٻارڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏيندو. منصوبي کي عالمي ۽ ماحولياتي تحفظ جي معيارن موجب مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ ان سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خطي ۾ اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي. منصوبن جي اڳواڻي ۽ سيڙپڪاري ايم ايس شنگھائي اليڪٽرڪ پاران ڪئي وئي آهي ۽ هر هڪ 660 ميگاواٽ پاور جنريشن يونٽن تي مشتمل آهن، جنهن جي سالياني پيداوار 7 ڏهائي 8 ملين ٽن لگنائيٽ اوپن پٽ ڪوئلي جي کاڻ مان ٿيندي آهي. ٻئي منصوبا “چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور ۾ شامل توانائي جي وڏي منصوبن مان هڪ آهن. سي او ڊي جي حاصلات کانپوءِ اهو منصوبو پاڪستان جي 40 لک گهرن جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، ٻارڻ جي درآمد ۾ گهٽتائي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي بچائڻ ۽ پاڪستان جي قومي توانائي جي تحفظ کي وڌائيندي سماجي ۽ اقتصادي فائدا فراهم ڪندو، جيڪو معاشي اهميت جوڳو عمل آهي. منصوبي جي مجموعي لاڳت جو ڪاٿو 3 ارب آمريڪي ڊالر آهي، منصوبي جي سائيٽ تي تعميراتي ڪم 2019ع کان شروع ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ان منصوبي لاءِ فنانسنگ ملڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، پر شنگهائي اليڪٽرڪ گذريل ڪجهه سالن کان لڳاتار پنهنجي فنڊن سان تعميراتي ڪم ڪري رهي آهي. ٿر بلاڪ ون انٽيگريٽيڊ پروجيڪٽ مقامي ماڻهن لاءِ 12000 کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن، جن تي ٽوٽل 135 ملين آمريڪي ڊالر ٽئڪس ادائيگي ۽ هڪ ڏهائي 63 ملين آمريڪي ڊالر جي سي ايس آر خرچ ٿيا آهن. ان کان علاوه شنگھائي اليڪٽرڪ پاران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن کي 8 ڏهائي 88 ملين رپين جي امدادي ۽ طبي امداد ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته اهڙي ريت ٿل نووا بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جو سي او ڊي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم ڪاميابي آهي، جيڪو 527 ملين ڊالرن جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هي منصوبو سي پيڪ تحت پاڪ-چين سهڪار جو هڪ ٻيو وڏو مثال آهي ۽ پاڪستان جي توانائي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پروجيڪٽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار موجب مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن سان ماحولياتي گدلاڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ٿر واسين لاءِ اسپتال جي تعمير جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان گڏجي اها اسپتال ٺاهينداسين. وزيراعظم تقريب جي پڄاڻي تي پاڪ چين دوستي زنده آباد، پاڪستان زنده آباد ۽ قائداعظم زنده آباد جا نعرا هڻايا. ان کان اڳ وزيراعظم مٺي ۾ 330 ميگاواٽ ٿر نووا ٿر پاور پلانٽ جو افتتاح ڪيو ۽ منصوبي تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جي شنگهائي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن پلانٽ جي مختلف حصن جو معائنو پڻ ڪيو. وزيراعظم کي ٿر بلاڪ ون مائن مان ڪوئلي جي فراهمي، بوائلرز، ڪولنگ ٽاورز بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button