پاڪستانسنڌ

مراد شاهه وزيراعظم کان اسلام ڪُوٽ لا مفت بجلي ڏيڻ جي گهر ڪري ڇڏي

اسلام ڪوٽ: وزيراعلى سنڌ مراد شاهه وزيراعظم کان اسلام ڪوٽ لا مفت بجلي ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي وزيراعظم واري دور ۾ ٿر مان ڪوئلي جي کوٽائي ۽ بجلي جي پيداوار شروع ڪرڻ لاءِ 40 معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون، جيڪڏهن معاهدي تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ٿر 40 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري ها. افتتاحي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ٿر جي عوام پاران ملڪ کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جنهن بدران اسان کي گهرجي ته کين مفت بجلي فراهم ڪريون. هن مطالبو ڪيو ته اسلام ڪوٽ جي عوام جي بجلي جا بل صوبائي حڪومت ادا ڪري رهي آهي، ان ڪري وفاقي حڪومت کي به اهڙو ئي قدم کڻڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button