پاڪستانسنڌ

وزيراعظم جو دورو، ڌڪڙڇو ۽ گوڙاڻي ڊئمن جي متاثرن جا مظاهرا

مٺي/اسلام ڪوٽ: وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ٿرڪول دوري دوران گوڙاڻو ۽ ڌڪڙڇو ڊئمن جي متاثرن ڪمپنين خلاف ڊئمن اڳيان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سميت وڏو وزير مراد شاهه ٿرڪول جو دورو ڪيو، جنهن دوران گوڙاڻي ڊئم جي متاثرن حاجي ايوب لوڊو، عبدالله چوھاڻ، لڇمڻ، ڌارو، ڀمرو، ملوڪ ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ گوڙاڻو ڊئم وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته گوڙاڻي ڳوٺ ڀرسان کليل آباد زمين تي زهريلو پاڻي ڇوڙ ڪري نه صرف اسان جي آمدني جو ذريعو ختم ڪيو ويو آهي، پر ماحولياتي آلودگي سبب انسان توڙي جهنگلي جيوت جي رهڻ لا ڏکيائيون پيدا ڪيون ويون آهن، زمينون بنجر ٿي ويون آهن، مٺي پاڻي جا کوھه کارا ٿي ويا آهن، هن وقت پيئڻ جي پاڻي لا سخت پريشان آهيون، اسان ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لا دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهيون، پر ڪير به ٻڌڻ لا تيار ناهي، ڊئم کي بائونڊري نه هجڻ ڪري روز غريبن جو چوپايو مال ڦاسي مري رهيو آهي، پاڻي بيهڻ سبب مڇرن ۽ بيمارين جو آزار آهي. هنن وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪري اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن. ٻئي پاسي مختلف ڳوٺن دڪڙڇو، ميهاري، گوارڻ، هاريمار، برڊ ۽ گنجڙي جي متاثر ڳوٺاڻن شيرو لنجو، ڀڳت راسارام، ديدار سينڌل، ڊرائيور وليڪ، الله ڏنو انڙ، وينجهو مل، بيگو لنجو، ڍولو لنجو ۽ ٻين پڻ ناجائزين خلاف احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڌڪرڇو ڊئم ۾ بنا رٿابندي جي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سان وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، اسان اڳ به احتجاج ڪيو هو، پر اسان کي اينگرو ڪمپني جي عملدارن ڪوڙا دلاسا ڏنا، اسان کي پنهنجن سروي نمبر ٻنين جا اڄ ڏينهن تائين معاوضا ناهن مليا. هنن مطالبو ڪيو ته ڊئم جي ايراضي جي ماپ ڪليئر ڪري ڏني وڃي، ڊئم کي بند ٻڌڻ سان گڏ چوديواري بائونڊري وال ڏياري مطالبا تسليم ڪيا وڃن. هوڏانهن وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير دوري بعد ڳوٺاڻن سان ڳالهائڻ کانسوا ئي واپس هليا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button