پاڪستان

ٻوڏ متاثرن کي دنيا به وساري ڇڏيو، جون تائين صرف 30 ڪروڙ ڊالر ملڻ جو آسرو

آ ايم ايف سان معاهدو نه ٿيڻ ۽ ڳالهين واري عمل ۾ ڊيڊ لاڪ سبب پاڪستان جي لکين ٻوڏ متاثرن جي واهر لا جنيوا ۾ ڪيل واعدا پڻ پورا نه ٿي سگهيا آهن، هلندڙ سال جون تائين صرف 30 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. سينيئر سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت هائوسنگ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي منصوبن لا هلندڙ مالي سال ۾ هڪ کان ڏيڍ ارب ڊالرن جون اميدون لڳائي ويٺل هئي پر جون 2023ع تائين صرف 30 ڪروڙ ڊالر حاصل ٿيڻ جي اميد آهي. ذريعن موجب آ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي ۾ ٿيندڙ دير ٻوڏ متاثرن جي مدد اڳيان پڻ رڪاوٽ بڻجي وئي آهي، جنوري ۾ جنيوا ڊونرز ڪانفرنس دوران جيڪي واعدا ڪيا ويا اهي اڃا تائين پورا نه ٿي سگهيا آهن. حڪومت پاڪستان ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر اڏاوت لا مجموعي طور 16 ڏهائي 3 ارب ڊالر جو ڪاٿو لڳايو هو، دوست ملڪن ۽ عالمي ادارن جنيوا ڪانفرنس ۾ ٽن سالن اندر 10 ارب 70 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان ڪيو هو. سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لا نئين سر تعمير سان گڏوگڏ انفرا اسٽرڪچر جا منصوبا پڻ شامل آهن پر 7 مهينا گذرڻ کانپو به لکين متاثرن کي پنهنجي ڇت نه ملي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button