اسلام آبادپاڪستان

ڪنهن کي به انٽرويو ناهي ڏنو، سوشل ميڊيا تي هلندڙ ڳالهيون هٿ ٺوڪيون آهن: قمر جاويد باجوا

اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا ڪنهن به صحافي کي انٽرويو ڏيڻ ۽ عمران خان بابت پاڻ سان ڳنڍيل ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي صحافي سان ڪيل مختصر ڳالهه ٻولهه ۾ اڳوڻي فوجي سربراهه قمر جاويد باجوا چيو ته مون ڪنهن کي به ڪو انٽرويو ناهي ڏنو، منهنجي نالي سان سوشل ميڊيا تي هلندڙ اڪثر ڳالهيون هٿ ٺوڪيون آهن، جن جو مون سان ڪو تعلق ناهي. جنرل (ر) باجوا وڌيڪ چيو ته آئون 29 نومبر 2024ع تائين قانوني طور ڪنهن به تبصري يا انٽرويو نه ڏيڻ جو پابند آهيان، هڪ دفعو ٻيهر واضح طور تي چوان ٿو ته مون ڪنهن کي به انٽرويو نه ڏنو آهي، مون وٽ چوڻ لا وڌيڪ ڪجهه به ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button