پاڪستانپنجاب

عمران خان کي هر ڀيري پيش ٿيڻ ۽ عدالت ۾ گهڻا ڪارڪن نه آڻڻ جو حڪم

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج شنوائي دوران رش ٿيڻ تي عمران خان کي آئندي پاڻ سان گڏ جهجها ڪارڪن نه آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت عمران خان جي وڪيل کي ٿورن ماڻهن سان گڏ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، فاضل جج چيو ته ٻئي دفعي ايترا ماڻهو گڏ آڻيندا ته آئون ڪيس نه ٻڌندس. تفصيل موجب لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ٽن ڪيسن ۾ 4 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عدالت پاران هڪ هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي. عمران خان زمان پارڪ مان بلٽ پروف گاڏي ۾ سوار ٿي عدالت پهتو. عدالت جي جج جسٽس اعجاز بٽر عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي ڪنهن به شنوائي تي غير حاضر نه رهڻو آهي، عمران خان جج کي جواب ۾ “جي سر” چئي عدالت مان روانو ٿي ويو. ان کان اڳ عمران خان جي وڪيل چيو ته اڳوڻي وزيراعظم تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جيڪڏهن وڊيو لنڪ تي حاضري ٿي وڃي ها ته بهتر ٿيندو، جنهن تي عدالت عمران خان کي هر شنوائي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته عمران خان جي وڪيل عدالت کي ايندڙ شنوائي تي ماڻهن جي رش جي حوالي سان خيال رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button