پاڪستانسنڌ

مقصودورند لڳ نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشي ڪري ڇڏي

مقصودورند: مقصودو رند ويجھو نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. لنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حيدر زرداري ۾ 22 ورهين جي نوجوان بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو خبر موجب مقصودو رند ويجھو لنڊي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حيدر زرداري ۾ 22 ورھين جي نوجوان امتياز علي ولد محمد رحيم کوسو بيروزگاري کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪيا، جنھن سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، لنڊو پوليس ۽ وارث نوجوان کي زخمي حالت ۾ شھدادپور انسٽيٽيوٽ ميڊيڪل سائنسز اسپتال آڻي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد ضروري ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نوجوان جي والد رحيم کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پٽ روزگاري سبب پريشان رهندو هو. نوجوان بيروزگاري سبب آپگهات ڪيو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button