پاڪستانسنڌ

آصف زرداري کي ڪجهه هفتا آرام جو مشورو، فريال به دبئي پهچي وئي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو دبئي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، جتي ڊاڪٽرن کيس ڪجهه هفتا آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين کي ڪيترن ئي سالن کان سور پوڻ جي شڪايت هئي پر هاڻي سندس طبيعت سڌرندڙ آهي. ذريعن آصف زرداري کي دبئي جي اسپتال مان جلد فارغ ڪيو ويندو، جنهن بعد هو ڪجهه هفتا دبئي ۾ ئي پنهنجي گهر اندر آرام ڪندو. ٻئي طرف آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر پڻ ڪراچي کان دبئي رواني ٿي وئي، فريال سان گڏ سهيل انور سيال به دبئي پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button