پاڪستان

ٻن ججن جو فيصلو بئنچ فڪسنگ بابت اسان جي موقف جي ڪاميابي آهي: مريم نواز

مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته جنهن جنهن ماڻهو عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي، بدنامي ۽ خواري ان جو مقدر بڻي آهي، جسٽس منصور ۽ جسٽس مندوخيل جو فيصلو بئنچ فڪسنگ بابت اسان جي موقف جي ڪاميابي آهي، بئنچن جي جوڙجڪ منصفاڻي ناهي ته انهن جا ڪيل فيصلا منصفاڻا ڪيئن مڃيا ويندا؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز لکيو ته عمران خان هڪ پرڏيهي ايجنٽ آهي جنهن جي ذميواري پاڪستان ۾ فتنو ۽ وڳوڙ پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن مُلڪ اڳتي نه وڌي سگهي، هر اُهو هٿ جيڪو هن شيطاني راند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کنيو ويندو، اهو ان ساڳئي راند جو حصو سمجهيو ويندو. ٻئي طرف لاهور ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارٽي ترجمانن جو مريم نواز جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان پاڪستان جو ماضي بڻجي چڪو آهي، هاڻ ملڪ جي مستقبل بابت سوچڻو آهي. هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مندوخيل جو فيصلو بئنچ فڪسنگ بابت اسان جي بيانئي جي فتح آهي، بئنچ سازي منصفاڻي ناهي ته پوءِ فيصلو ڪيئن منصفاڻو تصور ڪيو ويندو؟ مريم چيو ته عمران پنهنجي ڪرپشن ڪيسن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، ٽيريان ڪيس، پرڏيهي فنڊنگ ۽ توشا خانا ڪيسن ۾ عمران خان خلاف ترديد نه ٿيڻ جهڙا ثبوت موجود آهن، جيڪڏهن انصاف آهي ته نواز شريف سان ٿيل زيادتين جون جيڪي به شاهديون اچي رهيون آهن، ان حساب سان هيل تائين ساهمي جا ٻئي پڙ برابر هجڻ گهرجن ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button