پاڪستانپنجاب

ن ليگ طرفان نواز شريف خلاف انتقامي فيصلن ۽ شاهدين جا تفصيل عوام آڏو آڻڻ جو فيصلو

مسلم ليگ (ن) پنهنجي پارٽي سربراهه نواز شريف خلاف انتقامي فيصلن ۽ شاهدين جا تفصيل عوام آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور ۾ پارٽي ترجمانن جي ٿيل اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ نواز شريف خلاف غيرمنصفاڻي، انتقامي فيصلا ۽ شاهديون عوام جي آڏو آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن بابت سمورين حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪئي وئي. مريم نواز پارٽي ترجمانن کي هدايت ڪئي ته عدليا ۾ موجود عمران خان جي سهولتڪارن کي پوري سگهه سان وائکو ڪيو وڃي، نواز شريف جي ڪيس ۾ آئين ۽ قانون جي پائمالي کي وائکو ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ معيشت تباهه ۽ عوام غريب ٿيو آهي، عمران خان جي ڏهه نمبرين جي رڳو هڪ نقاطي ايجنڊا آهي ته ڦرلٽ ڪئي وڃي، هن ڏهن نقاطي ايجنڊا نه پر 10 ڪوڙ ڳالهايا آهن. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بنا ڪنهن رعايت يا رک رکا جي قوم کي سچ ٻڌايو ويندو، سمورا ڪردار ۽ انهن جي ڪرتوتن کي سامهون آندو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button