اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي شنوائي دوران جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جڏهن آرڊر آف دي ڪورٽ جاري ناهي ٿيو ته صدر اليڪشن جي تاريخ ڪيئن ڏني؟ اليڪشن ڪميشن ڪيئن اليڪشن شيڊول جاري ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته گهرو وزارت ۽ دفاع ٻڌائين ته اليڪشن جي گهٽ ۾ گهٽ امڪاني تاريخ ڇا آهي، هڪ ڏينهن ۾ ممڪن ناهن ته ٻن ڏينهن ۾ به ٿي سگهن ٿا، 8 آڪٽوبر تي ڪهڙو جادو هوندو جو سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. تحريڪ انصاف جي درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سُپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. ان دوران جسٽس مندوخيل ڪالهه ڏنل پنهنجن رمارڪس تي وضاحت ڪندي چيو ته رمارڪس تي ڏاڍو مونجهارو ٿيو آهي، جنهن جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو. آئون پنهنجي تفصيلي آرڊر تي قائم آهيان، فيصلي جو هڪ حصو انتظامي اختيارن جي رولز بابت آهي. چيف جسٽس کي چونداسين ته رولز ڏسڻ لاءِ ججن جي ڪميٽي جوڙي وڃي، ڪميٽي انتظامي اختيارن جي رولز کي ڏسي. فيصلي جي ٻئي حصي ۾ اسان چئن ججن پاڻمرادو نوٽيس ۽ درخواستون رد ڪيون آهن. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته چئن ججن جو فيصلو ئي آرڊر آف دي ڪورٽ آهي، اِهو آرڊر آف دي ڪورٽ چيف جسٽس جاري ئي ناهي ڪيو. جڏهن فيصلو ئي نه هو ته صدر چونڊن جي تاريخ ڪيئن ڏني؟ اليڪشن ڪميشن اليڪشن جو شيڊول ڪيئن جاري ڪيو؟ اڄ عدالتي رڪارڊ واري فائيل گهرائي، ان ۾ آرڊر آف دي ڪورٽ نه آهي، آرڊر آف دي ڪورٽ تي سمورا جج صحيحيون ڪندا آهن. شنوائي دوران وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پهرين مارچ واري فيصلي جي وضاحت لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪندي چيو ته انصاف جي گهرج لاءِ ضروري آهي ته اِهو فيصلو 3/ 4 هو يا 2/3 جو، سموري مُلڪ جو دارومدار ان معاملي تي آهي، قوم ٻڏتر جو شڪار آهي، سُپريم ڪورٽ کي عوام جي عزت، وقار ۽ اعتماد کي برقرار رکڻو آهي. چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي پنهنجي درخواست لکت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عدالت جو ماحول خراب نه ڪيو وڃي. هن چيو ته ڪيس جي شنوائي لاءِ فل ڪورٽ جوڙي وڃي، اِهو ڪيس ٻڌڻ کان اڳ ان ڳالهه جو فيصلو ٿيڻ گهرجي ته فيصلو 3/4 جو آهي، پهريان اختيارن واري معاملي تي فيصلو ڪريو. چيف جسٽسچيو ته ان معاملي تي فيصلو تڏهن ڪنداسين جڏهن درخواست سامهون هجي، پرسڪون رهو، پرجوش نه ٿيو. هن چيو ته پهريان اسان اليڪشن ڪميشن جو موقف ٻڌنداسين، اوهان سمورا ماڻهو پي ڊي ايم جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، ان تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته پيپلز پارٽي، پي ڊي ايم جو حصو ناهي اتحادي حڪومت جو حصو آهي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي روسٽرم آيو ته جسٽس جمال کائنس پڇاڻو ڪيو ته پهريان اليڪشن ڪميشن اِهو ٻڌائي ته هن شيڊول جاري ڪيئن ڪيو؟ اليڪشن ڪميشن وٽ جڏهن آرڊر آف دي ڪورٽ آيو ئي ناهي ته پوءِ ان اهڙو عمل ڪيئن ڪيو؟ سُپريم ڪورٽ جو حڪم اُهو هوندو آهي ته جيڪو آرڊر آف دي ڪورٽ هجي، اُهو جاري نه ٿيو، ڇا اوهان عدالت جو مختصر حڪمنامو ڏٺو هو؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته ٿي سگهي ٿو فيصلو سمجهڻ ۾ اسان کان غلطي ٿي هجي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا مختصر حڪم نامي ۾ لکيل آهي ته فيصلو 3/4 جو آهي؟ پهرين مارچ واري فيصلي ۾ ڪٿي لکيل ناهي ته فيصلو 3/4 جو آهي، اختلاف راءِ جج جو حق آهي، ججن جي اقليت ڪنهن به قانون تحت پاڻ کي اڪثريت ۾ هئڻ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته گذريل ڏينهن وارا رمارڪس فيصلي جي انتظامي حد تائين هئا، جسٽس منيب اختر چيو ته کُليل عدالت ۾ پنج ججن ڪيس ٻڌو ۽ فيصلو ڏئي صحيحيون پڻ ڪيون. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته مختصر حڪم نامي ۾ لکيل آهي ته اختلافي نوٽ لکيا ويا آهن، اختلافي نوٽ ۾ واضح لکيو آهي ته جسٽس يحييٰ آفردي ۽ جسٽس اطهر من الله جي فيصلي سان متفق آهيون، ڇا جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ جسٽس اطهر من الله جا فيصلا هوا ۾ اُڏامي ويا ويا؟ چيف جسٽس جو چوڻ هو ته جيڪو معاملو اسان جي چيمبر جو آهي، ان کي اتي ئي رهڻ ڏيو، اٽارني جنرل ان نقطي تي پنهنجا دليل ڏيندو. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته تفصيلي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو ڪهڙو موقف آهي. اليڪشن جي وڪيل چيو ته چار ٽن جي فيصلي تي اليڪشن ڪميشن کان هدايتون ناهن ورتيون، اليڪشن ڪميشن صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، اليڪشن ڪميشن سيڪشن 57 تحت چونڊن جي تاريخ پڻ تجويز ڪئي، سُپريم ڪورٽ جو فيصلو 3 مارچ تي مليو هو، الڪشن ڪميشن پنهنجي سمجهه پٽاندڙ فيصلي تي عملدرآمد شروع ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ووٽ جي حق ۽ شهرين جي سيڪيورٽي کي به ڏسڻو آهي، صدر طرفان تاريخ ملڻ تي چونڊ شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو هو. جسٽس منيب اختر چيو ته اليڪشن ڪميشن جي 22 هين مارچ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن 22 هين مارچ جو آرڊر ڪڏهن جاري ڪيو؟. الڪيشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي چيو ته چونڊون ملتوي ڪرڻ جو حڪم 22 مارچ شام جو جاري ڪيو، جڏهن آرڊر جاري ڪيو ته نامزدگي ڪاغذن سميت شيڊول جا مرحلا مڪمل ٿي چُڪا هئا، فوج پاران اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، آرٽيڪل 17 ووٽنگ جو حق پرامن ماحول ۾ پوري ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. آئين پٽاندڙ چونڊون صاف شفاف پرامن سازگار ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن ٻه فيبروري تي فوج، رينجرز، ايف سي کي سيڪيورٽي لاءِ خط ليا، خيبرپختونخوا ۾ انٽيليجنس ايجنسين رپورٽون ڏنيون ته افغانستان کان دهشتگرد داخل ٿي چُڪا آهن، ڳجهي ايجنسي جي اهلڪارن سان الڪشن ڪميشن جا اجلاس پڻ ٿيا. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته دهشتگردي بابت ڳالهيون اهم آهن، ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي بابت رپورٽون سنجيدا آهن، ڇا ان سموري صورتحال بابت صدر کي آگاهه ڪيو ويو؟ الڪيشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته سموري صورتحال بابت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪيو هو، عدالت حڪم ڪندي ته انٽيليجنس رپورٽس به ڏيکارينداسين، ڀکر، ميانوالي ۾ مختلف پابندي مڙهيل تنظيمن جي موجودگي ظاهر ڪئي وئي، اليڪشن ڪميشن لاءِ مختلف فورسز جون 4 لک 12 هزار نفري گهري وئي، ٻه لک 97 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ڪميشن کي فيبروري ۾ ئي خبر هئي ته ڇهن کان اٺن مهينن تائين چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي. جسٽس منيب چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي التوا ۾ اٺ فيبروري جي خطن تي ڀاڙي رهي آهي، عدالت پهرين مارچ کي پنهنجو فيصلو ڏنو، اوهان کي تي فيبروري ۾ ئي خبر هئي ته آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻيون آهن، ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن چيو ته عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي بابت سوچي به نٿا سگهون، جيڪڏهن آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻيون هجن ها ته اليڪشن ڪميشن صدر کي 30 اپريل جي تاريخ ڇو تجويز ڪئي؟ چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کان تمام گهڻا سوال ڪرڻا آهن، جسٽس منيب اختر سوال نوٽ ڪري وٺي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو 22 مارچ تي ئي ڪيو هو، گهرو وزارت به اٺ فيبروري واري خط ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو ذڪر ڪيو. شنوائي دوران جسٽس منيب چيو ته اليڪشن ڪميشن واري فيصلي ۾ 20 ارب رُپيا خرچ جو ذڪر آهي پر ڪالهه عدالت کي پنجويهه ارب ٻڌايو ويو اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پنج ارب پهريان ئي اليڪشن ڪميشن کي جاري ٿي چُڪا آهن، ناڻي واري وزارت چيو ته موجودا مالي سال ۾ اليڪشن لاءِ فنڊ جاري نٿا ڪري سگهون، ناڻي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته ويهه ارب رُپيا جاري ڪرڻ ممڪن نه هوندو، پنجاب لاءِ ٻه لک 97 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ جو ٻڌايو ويو. چيف جسٽس چيو ته چونڊون ته هر صورت ۾ 2023 ع ٿيڻيون هيون، ڇا بجيٽ ۾ 2023ع جي چونڊن لاءِ رقم نه رکي وئي هئي؟ اٽارني جنرل منصور اعواڻ چيو ته چونڊن لاءِ بجيٽ ايندڙ مالي سال ۾ رکڻي آهي.چيف جسٽس سوال ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي وقت ٿين ته ڪيترو خرچ ايندو؟ اٽارني جنرل ٻڌايو ته سڄي مُلڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ٿيون ته 47 ارب رُپيا خرچ ٿيندا، چونڊون ڌار ڌار ٿيون ته 20 ارب رُپيا واڌو خرچ ٿيندا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ٻڌايو ته سياسي شخصيتن کي سيڪيورٽي خطرا آهن، گهرو وزارت موجب سيڪيورٽي خطرا رڳو اليڪشن واري ڏينهن نه، اليڪشن مهم ۾ به هوندا، گهرو وزارت عمران خان تي حملي جو به حوالو ڏنو هو، آمريڪي فوج جي افغانستان مان واپسي کانپوءِ دهشتگرد حملا ڪري رهيا آهن.سجيل سواتي چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ ڳجهن ادارن جون رپورٽن تي شڪ ڪرڻ جي گنجائش ناهي، ايجنسين جي رپورٽن ۾ جيڪي حقيقتون بيان ڪيون ويون اُهي نظرانداز نٿا ڪري سگهون. ان تي جسٽس منيب اختر چيو ته ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو اوهان؟ ٻه صوبائي اسيمبليون ٽٽي چُڪيون آهن. چيف جسٽس چيو ته ويهه سالن کان مُلڪ ۾ دهشتگردي جو مسئلو آهي، ان باوجود چونڊون ٿينديون رهيون آهن، نوي واري ڏهاڪي ۾ ٽي ڀيرا چونڊ ٿي. صدر کي اِهي حقيقتون ٻڌائڻ کانسواءِ اليڪشن ڪميشن تاريخون تجويز ڪيون، پنجاب ۾ به دهشتگردي جا پنج واقعا پيش آيا، آخري واقعو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿيو. جسٽس منيب اختر سوال ڪيو ته جيڪڏهن ادارا اوهان کي مدد فراهم ڪن ته ڇا اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائيندي؟ ظاهر طور اليڪشن ڪميشن جو سڄو ڪيس خطن تي ٻڌل آهي، اليڪشن ڪميشن جو مسئلو فنڊن جي دستيابي جو به آهي.اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو چوڻ هو ته الڪيشن ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته فوج جي مقرري کانسواءِ چونڊن ۾ سيڪيورٽي ڏيڻ ممڪن نه هوندو، گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته اهڙين حالتن ۾ پر امن چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن، آءِ ايس آءِ سيڪٽر ڪمانڊر ٻڌايو ته ڪي پي ۾ ڪالعدم تنظيمون ڪجهه علائقن ۾ موجود آهن، انٽيليجنس رپورٽس ۾ ڄاڻايو آهي ته مختلف دهشتگرد تنظيمون متحرڪ آهن، ڪي پي ڪي جي مختلف علائقن ۾ شيڊو حڪومتون قائم آهن، انٽيلجنس رپورٽن موجب انهن خطرن مان نڪرڻ ۾6 کان 7 مهينا لڳي ويندا. جسٽس منيب اختر چيو ته اليڪشن ڪميشن پاڻ کي آئيني ادارو چوندو آهي، ٻه اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن شيڊول جاري وري اوچتو تبديل ڪري ڇڏي ٿو، اليڪشن ڪميشن جو ڪيس آرٽيڪل 218 جو آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي آئيني ذميواري نڀائڻ کان انڪار ناهيون ڪري رهيا. جسٽس منيب چيو ته مطلب اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميوارين لاءِ تيار آهي، رڳو مدد گهربل آهي؟ وڪيل جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ويهه مارچ تي وفاقي ڪابينا کي خط لکيو، ڪابينا 21 هين مارچ تي اليڪشن ڪميشن کي جواب ۾ بچاءُ واري وزارت جي موقف جي حمايت ڪئي، ڪابينا چيو ته چونڊن لاءِ فوج جي مقرريءَ جي منظوري نٿا ڏئي سگهون، ڪابينا اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ کان معذرت ڪئي. جسٽس منيب چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڪرڻ کان اڳ عدالت سان رابطو ڇو نه ڪيو؟ شيڊول تبديل ڪرڻ کان اڳ عدالت سان رابطو ڪري سگهجي پيو، ان تي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم تي عمل ڪيو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جنهن عدالتي حڪم تي سمورن ججن صحيحيون ڪيون اُهو ڪٿي آهي؟ صبح کان پڇي رهيو آهيان ڪير به عدالتي حڪم سامهون نه پيو آڻي.چيف جسٽس چيو ته عدالت جو مقصد سياسي نظام جي گاڏي کي هلائڻ آهي، ڪا به سياسي پارٽي سياسي نطام کي اڳتي وڌائڻ جي مخالفت نٿي ڪري، هڪ مسئلو سياسي گرمي پد آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close