اسلام آبادپاڪستان

عمران ۽ عارف علوي خلاف آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عدليا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته اهي فرعون جيان ويهي آئين جي مرضي جي تشريح ڪندا آهن، اهي فيصلا لکندا آهن ته آئين ٽوڙيندا آهن. عمران خان، عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آئين ٽوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙو جمهوري ۽ آئيني بحران ڏٺو آهي. عوام مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيو آهي، ڪجهه اسان جي پنهنجي فيصلن سبب به آهي. ماڻهو اڳوڻي نالائق وزيراعظم سبب به مهانگائي ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت سان اين ايف سي ايوارڊ ۽ خيبر پختونخوا کي سڃاڻپ ڏني، جيڪو بحران پيدا ٿيو ان جو ذميوار ڪير آهي؟ جنرل حميد گل ان سليڪٽڊ کي سياست ۾ آندو ۽ جنرل پاشا هٿي ڏني، پاشا آيو، ظهير آيو، فيض آيو، سڀ ويا پر عمران خان مستقل موجود آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جا اتحادي هڪ ٻئي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي وساري ويهندا آهن، افتخار چوڌري هن ملڪ تي عدالتي آمريت قائم ڪئي، جنهن جو مقصد جمهوريت کي نقصان پهچائڻ ۽ هائبرڊ نظام قائم ڪرڻ هو. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جي هر جمهوري قدم جي جواب ۾ هڪ غير جمهوري قدم کنيو ويو، جمهوري عدم اعتماد جي جواب ۾ اسپيڪر ۽ صدر آئين ٽوڙيو، وزيراعظم صاحب جيڪڏهن آئين ٽوڙيو ويو آهي ته ڪيس قائم ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي قانوني بي اعتمادي رٿ جي جواب ۾ ان وقت جي اسپيڪر، وزيراعظم ۽ موجوده صدر آئين ٽوڙيو، اسان هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهيون ته دنيا ڇا چوندي. شرافت سان سياست ڪرڻ چاهيون ٿا پر آئين ٽوڙڻ تي شريف نه رهنداسين، اڳوڻي آرمي چيف تسليم ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ مداخلت ڪندي رهي آهي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ آئين ٽوڙيو، چيف جسٽس کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو ته ڊيم فنڊ گڏ ڪري. اهي فرعون جيان ويهي آئين جي مرضي جي تشريح ڪندا آهن، اهي پاڻ کي چيف جسٽس سڏرائيندا آهن ۽ فيصلن ۾ آئين ٽوڙيندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button