اسلام آبادپاڪستان

رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ رولز ٺاهڻ تائين پاڻمرادي نوٽيس جا سمورا ڪيس ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سپريم ڪورٽ ۾ قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏيڻ بابت پاڻمرادي نوٽيس ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني خاص بئنچ فيصلو جاري ڪيو. خاص بئنچ ۾ جسٽس امين الدين ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن ۽ اهو فيصلو هڪ- ٻه جي شرح سان جاري ڪيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رولز ٺاهڻ تائين آرٽيڪل 184 ٿري جا سمورا ڪيس ملتوي ڪيا وڃن. فيصلي موجب چيف جسٽس کي خاص بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي، سپريم ڪورٽ رولز ۾ چيف جسٽس کي اسپيشل بئنچ ٺاهڻ جو اختيار ناهي، اسپيشل بئنچ ۾ مختلف بئنچن مان هڪ هڪ جج کي شامل ڪيو ويو، عدالتي ٽائيم ختم ٿيڻ وقت ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪيو ويو. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو ته چيف جسٽس وٽ اختيار ناهي ته بئنچ جوڙڻ کانپوءِ ڪنهن جج کي ان مان الڳ ڪري. هڪ جج سپريم جڊيشل ڪائونسل کي جوابده ٿي سگهي ٿو پر جڊيشري نه. بئنچ ۾ جسٽس شاهد وحيد فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ نوٽ ۾ لکيو ته جن معاملن تي فيصلو ڏنو ويو، اهي اسان جي سامهون ئي نه هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button