سنڌ

ڇا عمران خان رياست ۽ ادارن کان وڌيڪ اهم آهي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته رياست پاڪستان ۽ قوم 75 سالن جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مشڪل مرحلن کي منهن ڏنو آهي پر عمران خان ۽ پي ٽي آئي جيڪي ٻاهرين طاقتن جي ايجنڊا تحت ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي آهي، ان جو مثال نٿي ملي، عمران خان رٿا بندي سان رياستي ادارن کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، عمران خان جو پهريون ٽارگيٽ پارليمينٽ هئي، عمران پارليمينٽ کي ترجيح ڏيڻ بدران ڌرڻن ۽ لانگ مارچ کي هٿي ڏني، اقتدار ۾ اچي پارلمينٽ کي ڪائي اهميت ئي نه ڏني. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عمران خان آئين ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندو رهيو، ڇا عمران خان پارليامينٽ کان وڌيڪ اهم آهي، عمران خان جو ٻيو ٽارگيٽ اليڪشن ڪميشن رهي ۽ هو اليڪشن ڪميشن جي ساک کي مسلسل نقصان پهچائيندو رهيو، ڇا عمران خان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان وڌيڪ اهم آهي؟ هن چيو ته عمران خان جو ٽيون ٽارگيٽ عدالتون رهيون آهن، معزز جج صاحبان جا نالا وٺي ڌمڪيون ڏيندو رهيو، کليل نموني عدالتن جي توهين ڪندو رهيو، اڄ اسان جي انصاف واري نظام جي حالت سڀني جي سامهون آهي. ڇا عمران خان عدالتن کان وڌيڪ اهم آهي. صوبائي وزير چيو ته عمران جو چوٿون ٽارگيٽ ميڊيا ۽ صحافي بڻيا، صحافين تي حملا ڪرايا ويا ۽ لاپتا ڪرايو، نوڪرين مان فارغ ڪرايو، ٽي وي مالڪن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، ڇا عمران خان ميڊيا کان وڌيڪ اهم آهي. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان جو پنجون ٽارگيٽ پاڪستان جي فوج آهي هن چيو ته فوج ۽ اهم سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن خلاف سوشل ميڊيا تي ڪڌي مهم هلائي پئي وڃي. اوڀر پاڪستان جو سانحو ٿيو، ملڪ ۾ آمرانه حڪومتون رهيون، ڀارت سان ٽي جنگيون ٿيون، پر قوم هميشه پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل رهي پر هاڻي عمران خان نوجوان نسل جي ذهنن ۾ ادارن جي خلاف زهر ڀري ڇڏيو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا عمران خان پاڪستان جي سلامتي جي ادارن کان وڌيڪ اهم آهي. عمران خان جو ڇهون ٽارگيٽ پاڪستان جي معيشت رهي آهي، هن چيو ته عمران خان 2013 کان ملڪ ۾ غير يقيني جي صورتحال کي هٿي ڏني آهي، جنهن سان سيڙپڪار ڊڄي ويا، حڪومت ۾ آيا ته اناڙي کلاڙين کي خراني جو نگران بڻائي ڇڏيو، جنهن جا نتيجا ملڪ جو عوام اڄ تائين ڀوڳي رهيو آهي، ڇا عمران خان ملڪ جي معيشت کان وڌيڪ اهم آهي. هن چيو ته قوم فيصلو ڪري، ڇا عمران خان رياست پاڪستان ۽ پاڪستان جي آئيني ادارن کان وڌيڪ اهم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button