سنڌ

دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي مان 130 سنڌي ملازم برطرف

ڪراچي جي دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميا ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڀرتي ٿيل ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، 42 سنڌي ملازمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رهيل 88 ملازمن کي ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ بعد فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فارغ ٿيل ملازمن الزام هنيو آهي ته دائود يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين ڪانٽريڪٽ ۽ ڊيلي ويجز تي ڀرتي ٿيل رڳو سنڌي ملازمن کي نشانو بڻايو آهي. يونيورسٽي جي وي سي آفيس سامهون ڪانٽريڪٽي ملازمن احتجاج ڪندي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ملازمن دانهيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان نوڪري ڪري رهيا آهيون، وي سي ثمرين حسين بنا ڪنهن سبب جي نوڪرين مان نيڪالي ڏئي ظلم ڪري رهي آهي، بيروزگار ٿيڻ سان اسان جا ٻچا لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. ملازمن وزيراعليٰ سنڌ ۽ يونيورسٽي اينڊ بورڊز جي وزير اسماعيل راهو ۽ ٻين کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مسئلو حل نه ٿيو، ڪانٽريڪٽ ۾ واڌ نه ٿي ته پوءِ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻا هنيا ويندا ۽ تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button