پاڪستانسنڌ

جهول ويجهو چلهه مان پورهيتن جي 25 گهرن کي باهه، لکن جو نقصان

جھول: جھول ويجھو چلهه مان پورهيتن جي 25 گهرن کي باهه ساڙي ڇڏيو، لکين رپين جو سامان رک ٿي ويو. تفصيل موجب جھول ويجھو ٽنڊوآدم روڊ تي درگاهه سيد نور شاھه وٽ ڳوٺ رئيس محمد علي رند ۾ ويٺل ڀيل برادري جي گھرن کي چلهھ مان چڻنگ نڪرڻ سبب اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب آچر، تاريو، بادل، راھول، ارجڻ، ڊولو، پريتم، ساجن، ڦوٽو، ڏاڙھون، گوندل، راڻو، لوڻيو، آگم، چيتن، سوريو، ليمون، پنھون، ڦيٿوجي، گلاب، پيرون، ھريش، راڻو، رميش ۽ تاريو ڀيل سميت 25 پورهيتن جا گهر سڙي ويا، باھه لڳڻ دوران عورتون منھن مٿو پٽيندي اوڇنگارون ڏينديون پنھنجن معصوم ٻارن کي پاڻ بچائڻ لا ڊوڙي ڊوڙي گھران نڪتيون، باهه لڳڻ دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، باھه لڳڻ سان پورھيتن پاران لابارو ڪري گڏ ڪيل سوين مڻ ڪڻڪ، روڪ رقم، سون، چاندي جا زيور، 4 نياڻين جو ڏاج، کٽون، بسترا، اناج، گهرن جو راشن، ٿانو ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. باهه ۾ 10 ٻڪريون به سڙي مري ويون. ھڪ اندازي موجب لکين رپين جو نقصان ٿيو. باهھ لڳڻ سبب ڀيل برادري جا سمورا گھر سڙي رک ٿي ويا، گهر سڙڻ بعد سوين مرد، عورتون ۽ معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا. ڳوٺاڻن ڪامريڊ بادل، ارجڻ ۽ پريم ڀيل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بروقت اطلاع ڪرڻ باوجود فائربرگيڊ عملو گهر سڙڻ بعد پهتو، زندگي جي سموري گڏ ڪيل موڙي ۽ گھر سڙي ويا، ھاڻ بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهيون، اڃا تائين ڪنهن به ڪاموري يا چونڊيل نمائندي سار ناهي لڌي. هنن ضلعي انتظاميا کان گھر ڪئي ته فورن سان جي مدد ڪري گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button