پاڪستانسنڌ

پيارولنڊ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، 11 زخمي

ٽنڊوالهيار: پيارو لنڊ ٿاڻي جي حد بائي پاس پل جمالي موڙ وٽ جمالين جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪٻئي تي لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب مجيد جمالي قتل ٿي ويو ۽ ٻنهي ڌرين جا 11 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ جواد، اڪرم، غفار ۽ ٻيا شامل آهن. جهيڙي بعد جمالي موٽ وٽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا، جيڪي هڪٻئي تي فائرنگ ڪندا رهيا، جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇانئجي ويو. جهيڙي جي اطلاع تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي حڪم تي مختلف ٿاڻن جي پوليس جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا. پوليس مقتول مجيد جمالي جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو ۽ زخمين کي پڻ اسپتال آندو ويو، جتان زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. هوڏانهن ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀا تاج جمالي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تي قبضي هيٺ آيل اسان جي زمين انتظاميا خالي ڪرائي اسان حوالي ڪئي، زمين تي اڄ وياسين ته منهنجي ڀا مجيد جمالي کي مخالفن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي 6 ماڻهن کي زخمي ڪيو، جيڪو ظلم آهي. هن آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين فورن گرفتار ڪيو وڃي ۽ انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button