اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۾ عدالتي سڌارن بابت بل اتفاق راءِ سان منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ عدالتي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس ۽ طريقيڪار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ چيئرمين محمود بشير ورڪ ايوان ۾ پيش ڪئي. عدالتي سڌارن بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع جي شق وار منظوري ڏني وئي، بل 2023ع تي ريفرنڊم ڪرائڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي. محسن داوڙ ترميمي بل پيش ڪيو ۽ وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ترميم جي حمايت ڪئي. محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جي نسلا ٽاور کي به اوچتو نوٽيس وٺي ڊاهيو ويو. هن تجويز ڏني ته ماضي ۾ 184/3 جي متاثرن کي 30 ڏينهن اندر اپيل جو حق ڏنو وڃي. اعظم نذير تارڙ چيو ته هي ون ٽائيم قانون سازي آهي، ڪو به پنڊورا باڪس نه کوليندو. پيپلز پارٽي محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ماضي ۾ 184/3 جي متاثرن کي اپيل جو حق ڏيڻ واري ترميم منظور ڪئي وئي. بل پيش ڪرڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ عبدالاڪبر چترالي چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، انهن سڀني کي ڏسڻ گهرجي، اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، سپريم ڪورٽ يا عدليه پنهنجو فرض نڀائي رهي آهي. سپريم ڪورٽ جا جج غلط پاڻمرادو نوٽيس وٺي رهيا آهن. پي ٽي آءِ ميمبر صالح محمد پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته هي قانون سازي آزاد عدليه تي پابندي لڳائڻ جي برابر آهي، عدليه ۾ سڌارن جي حق ۾ آهيون پر ڌاڙو هڻڻ جي حق ۾ ناهيون. تڪڙ ۾ بل پاس ڪرڻ بدران بحث لاءِ وقت ڏنو وڃي ها. عدالتي سڌارن واري بل تي پي ٽي آءِ ميمبر ورهائجي ويا. پي ٽي آءِ ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي. جڏهن ته منحرف ميمبرن بل جي حمايت ڪئي. اپوزيشن ليڊر راجا رياض عدالتي سڌارن واري بل جي حمايت ڪري ڇڏي. راجا رياض چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن گڏجي عدالتي سڌارن وارو بل آندو آهي، اپوزيشن عدالتي سڌارن واري بل تي تفصيل سان غور ڪيو آهي. عدالتي سڌارن وارو بل عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪندو، ون مين شو ختم ڪندو ۽ عدليه کي مضبوط ڪندو. عدالتي سڌارن وارو بل پاس ٿيڻ تي اڳواٽ واڌايون. پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبر احمد حسين ڏهر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مان بل پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرڻ وارن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هڪ وڪيل جي حيثيت سان اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اهو اسان جو پراڻو مطالبو آهي. انصاف ۾ دير ڪرڻ انصاف ناهي، انصاف نظر اچڻ گهرجي، هي قانون پاس ٿيو ته سلام پيش ڪريان ٿو. پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبر جويريا ظفر اظهار ڪندي چيو ته اسان ڏوهي آهيون ۽ اسان کي درست فيصلا ڪرڻ گهرجن ها، هي بل ڪيترائي سال اڳ اچڻ گهرجي ها ۽ ان ۾ وڪيلن جي تحفظ جي حوالي سان سٺيون شقون موجود آهن، جنهن ۾ اهم وقت درست ناهي پر ان جي حمايت ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته هي بل سينيئر ججن ۾ انفرادي اختيار ورهائڻ بابت آهي، عدالتن ۾ ججن جي اختلافي آواز سڀني جي سامهون آهي ۽ اهو پارليامينٽ جو حق آهي جيڪو استعمال ڪري رهي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪيس دير سان هليو ۽ کيس عدالتي قتل ڪيو ويو، ضياءُالحق عدليه جا سمورا اختيار هڪ شخص کي ڏئي ڇڏيا. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ويو، ڇا ان قانون ۾ ترميم نه ٿي ڪري سگهجي، توهين عدالت جي قانون تي نظرثاني ڪئي وڃي. نواز شريف کي بئنچ پاران سسلين مافيا چيو ويو، عدليه بحالي تحريڪ تي لاهور ۾ منهنجي گهر ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي مشاورت ٿي، اڄ کان 15 سال اڳ اهڙي قانون سازي جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. هن چيو ته بينچ ۾ ٻاهران ڪير به شامل نه ٿيندو، عدليه مان جج هوندا، پارليامينٽ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪري رهي آهي. اسان خلاف ورزي نه ڪري رهيا آهيون، آئين اجازت ڏئي ٿو، هن ايوان کي مينڊيٽ حاصل آهي. ڀٽو صاحب 50 سال اڳ چيو هو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ اڄ به چوان ٿو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button