اسلام آبادپاڪستان

محسن داوڙ جي ترميم سان نواز شريف کي اپيل جو حق ملي ويو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل، محسن داوڙ جي ترميم سان نواز شريف کي اپيل جو حق ملي ويو. قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ محسن داوڙ جي ترميم شامل ٿيڻ سان ن ليگ قائد نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق ملي ويو. 30 ڏينهن ۾ ون ٽائيم اپيل جي حق سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان گڏوگڏ يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين سميت پاڻمرادي نوٽيس ڪيسن جي فيصلن جون ٻيون متاثر ڌريون به فائدو کڻي سگهنديون. واضح رهي ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل ۾ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم شامل ڪئي وئي. محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسلا ٽاور به پاڻمرادي نوٽيس سبب ڪيرايو ويو، ماضي ۾ 3/183 (پاڻمرادي نوٽيس) جي متاثرن کي 30 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اها هڪ ڀيري جي قانون سازي آهي، ان تي ڪو پنڊورا باڪس نه کلندو. محسن داوڙ چيو ته پراڻا احساس آهن، ان ترميم تي ڇو ڪيٻائي رهيا آهيو؟ ان دوران پ پ محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري چيو حڪومت ۾ ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن جا خدشا هوندا آهن پر اسان محسن داوڙ جي ترميم جي مخالفت واپس ٿا وٺون. قومي اسيمبلي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي مشاورت ٿي، جنهن کانپوءِ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل جي گڏيل طور منظوري به ڏئي ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button