اسلام آبادپاڪستان

قانونسازي جي ٽائيمنگ سواليا، بل تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي: صدر عارف علوي

صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ لا ڪيل قانونسازي جي ٽائمنگ تي سوال اٿاري ڇڏيو. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي صدر علوي چيو ته چيف جسٽس جا اختيار محدود ڪرڻ لا ڪيل قانونسازي لا جنهن وقت جي چونڊ ڪئي وئي اها سواليا آهي، سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، آئون هن بل تي صحيح جو فيصلو تڏهن ڪندس جڏهن بل مون وٽ ايندو، في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو، بل جو حتمي مسودو سامهون اچڻ بعد ئي ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو، منهنجي دعا آهي ته سپريم ڪورٽ جا جج پاڻ ۾ ٻڌي ڪن. هن وڌيڪ چيو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊن ٿيڻ خطري ۾ نظر اچي رهيو آهي، اها ڳالهه مون عمران خان کي صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ کان پهرين به ٻڌائي هئي، آئين کي چچريو نه وڃي، جمهوري قوتن جي پاڻ ۾ ويڙهه سان نظام کي خطرو هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button