پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، نوجوان دٻجي فوت

ڪلوئي: ڪلوئي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڳڀرو نوجوان دٻجي فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڪلوئي زيرو پوائنٽ روڊ تي سرنهن جي ڪڏي سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي پل ٽٽڻ ڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿي ويٺل نوجوان ميوو پٽ اينگرو ڪولھي دٻجي فوت ٿي ويو، جنهن جو مقامي ڳوٺاڻا لاش اسپتال کڻائي آيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن نوجوان ميوو ڪولھي جي وارثن ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور کي خون بخش ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پوليس اتفاقي حادثي جي رپورٽ داخل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button