پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ استاد جي معصوم نياڻي فوت، ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ رٽائرڊ پرائمري استاد جي ٻارڙي فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام هنيو. عمرڪوٽ ۾ رٽائرڊ پرائمري استاد محمد حسن سميجو جي ٻارڙي خانگي ميڊيڪل سينٽر ۾ فوت ٿي وئي. فوتي ٻارڙي جي والد محمد حسن سميجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجي هڪ ورهين جي ٻارڙي گل فاطمه کي مون علاج لا مهراڻ ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊاڪٽر محمد علي مڱريو وٽ داخل ڪرايو، جيڪا ڊاڪٽر جي لاپرواهي سبب فوت ٿي وئي آھي، ڊاڪٽر محمد علي مڱريو ننڍڙي کي جعلي انجيڪشن هڻي آڪسيجن جو مقدار گهٽ وڌ ڪيو، جنهن ڪري نياڻي دم ڏنو. هن گهر ڪئي ته غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر محمد علي مڱريو خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button