پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ سرڪاري اسڪول زبون، ٻار وڻ هيٺ ويهڻ تي مجبور

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ٽائون ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاکي جو وانڊيو ڳوٺ پپريو جي اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي، معصوم شاگرد گرمي ۾ ديوي جي وڻن ھيٺان ويهي پڙھڻ تي مجبور آھن. اسڪول ۾ پڙھائيندڙ استاد ڀيمراج ۽ ڳوٺاڻن نرڀو ڪولھي، روپو، ڀگوانو، روپشي، ويرجي ڪولھي ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته وڏي عرصي کان اسڪول جي ھڪ ڪمري واري عمارت زبون آھي، اسڪول تقريبن پٽ پئجي چڪو آھي، ان ڪري معصوم ٻار گرمي ۽ شديد اس ۾ ٻاھر ديوي جي وڻن ھيٺان پڙھڻ تي مجبور آھن. استاد ڀيمراج ٻڌايو ته 232 ٻار اسڪول ۾ داخل آھن، جيڪي عمارت زبون هجڻ سبب ٻارڙا اس ۾ پڙھائڻ تي مجبور آھيان. ڳوٺاڻن ايم پي اي قاسم سومرو ۽ ڊي سي ٿرپارڪر کان گھر ڪئي ته اسڪول جي سروي ڪري بلڊنگ ٺھرائي سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button