پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار بس ٽرمينل ٻن سالن ۾ برباد، ڀتيون ڊهي پيون،فرش ۾ ڏار

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالھيار ضلعي جي عوام لا تعمير ڪيل شهيد بينظير ڀٽو بس ٽرمينل فعال نه ٿيڻ سبب زبون بڻجي ويو، انتظار گاهه سميت بس ٽرمينل جي مختلف حصن جون ڀتون ۽ ديوارون ڊهي پيون. ٽرانسپورٽ کاتي سميت ضلعي انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو. ان سلسلي ۾ ٽنڊوالهيار ۾ عوام جي مطالبي تي 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل شهيد بينظير ڀٽو بس ٽرمينل 2 سال گذرڻ باوجود فعال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب برساتن ۽ انتظامي نااهلي سبب بس ٽرمينل جي انتظار گاهه، مسافر خاني ۽ ٻين حصن جون ڀتون ڪري پيون آهن ۽ چوديواري سميت مختلف ديوارون به ڊهي پيون آهن. بس ٽرمينل اجڙڻ ۽ تباهه ٿيڻ سبب ضلعي جا ٽرانسپورٽر دربدر ٿي ويا آهن. ٽنڊوالھيار ڪيريا شاخ تي اڳوڻي ڊي سي عبدالرشيد زرداري جي نگراني ۾ تيار ٿيل بس ٽرمينل 2 سالن اندر ئي برساتن جي سٽ نه سھندي زبون ٿي ويو. بس ٽرمينل جي فرش ۾ وڏا ڏار پئٔچي ويا آهن، ٽرمينل زبون ٿيڻ سبب ٽنڊوالھيار، ميرپوخاص ۽ حيدرآباد جي ڪوچن ۽ ڪوسٽرن جي مالڪن پنهنجون گاڏيون ٽٽل بس ٽرمينل ۾ بيھارڻ کان ضلعي انتظاميا کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد شھر جي مختلف علائٔقن ۾ ڪوسٽرون ۽ ڪوچون بيھاري مختلف روٽن تي ويندڙ مسافرن کي سوار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽنڊوالھيار جي ٽرانسپورٽرن اختر جٽ، مسڪين قائٔمخاني، صفدر جٽ، حسنين ڪيريو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائٔيندي چيو ته 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تيار ٿيل بس ٽرمينل ۾ 3 ڪروڙ رپين جو به ڪم نه ٿي سگھيو، ناقص مٽيريل جي استعمال سبب بس ٽرمينل جي چوديواري ڊھي پٽ ٿي پئي آهي، مٽي جي جا تي ڪچرو استعمال ڪرڻ سبب فرش ۾ ڏار پئٔجي ويا آهن، جنھن جو ذميوار ٺيڪيدار ۽ ضلعي انتظاميا آهي. ھنن وزيراعليٰ سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان بس ٽرمينل ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪرايئي ٻيھر بس ٽرمينل کي تعمير ڪرائٔڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button