پاڪستانسنڌ

چيلهار ۽ ڀرپاسي ۾ مور انڌا ٿي تڙپي مرڻ لڳا، اختياريون خاموش

چيلهار: چيلهار شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿر جي سونهن سڏيو ويندڙ مور پکين ۾ پراسرار بيماري پکڙجي وئي، جنهن ڪري مور اکين کان انڌا ٿي تڙپي تڙپي مرڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺ ڏبڙڇا جي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چاڪر خان نهڙيو ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي مور پکي رهن ٿا، گذريل هڪ هفتي کان بيماري ۾ مبتلا آهن، جنهن ڪري مور پکي اکين کان انڌا ٿي تڙپي تڙپي مرڻ لڳا آهن، گڏو گڏ علائقي جا رولو ڪتا مورن کي پنهنجو کاڄ بڻائين ٿا. اسان جهنگلي جيوت کاتي کي اطلاع ڏنو آهي، پر عملدارن ڪو نوٽيس ناهي ورتو. اسان مورن کي پنهنجي اولاد جيان پيار ڪريون ٿا. هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته مورن جي علاج لا هنگامي بنيادن تي ٽيمون موڪليون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button