پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ پرائمري اسڪول زبون، شاگرد زمين تي ويهي پڙهڻ لڳا

چيلهار: چيلهار ويجهو ڳوٺ سانڏهور جي پرائمري اسڪول گذريل ڪيترن ئي سالن کان زبون حالي جو شڪار هجڻ ڪري معصوم ٻار ٻاهر ديوي جي وڻ هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا آهن. 3 سئو گهرن تي مشتمل ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ سميت عمارت زبون آهي، ان ڪري معصوم شاگرد کليل آسمان هيٺ تعليم پرائڻ لڳا آهن، تعليم جي بهتري جون دعوائون ڪندڙ ڌريون خاموش تماشائي بڻيل آهن، شاگردن ۽ استادن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي کي درخواستون ڏنيون آهن، پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن محمد صالح، عبدالحڪيم، محمد رحيم، محمد حيات قربان، حيدر مڱريو ۽ ٻين چيو ته هن پرائمري اسڪول ۾ 50 کان وڌيڪ ٻارن جي داخلا آهي، اسڪول جي عمارت مڪمل طور تباهه هجڻ ڪري استادن ۽ شاگردن جو ويهڻ ڪنهن به خطري کان خالي ناهي. ڳوٺاڻن تعليم کاتي سان لاڳاپيل عملدارن کان گهر ڪئي ته جلد اسڪول ۾ گهربل سهولتون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button