پاڪستانسنڌ

آٽا چڪي ايسوسيئيشن سڄي ٿر ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

مٺي: ٿرپارڪر ۾ آٽا چڪي ايسوسيئيسشن سڄي ضلعي ۾ ڪڻڪ کڻي اچڻ تي بندش ۽ ضلعي بندي خلاف اڄ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. گذريل ڏينهن آٽا چڪي ايسوسيئيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدر دليپ مولچنداڻي، نيرج جوشي، ڪشور آسناڻي، ڪندن مالهي، ڪشور جڳاڻي، ونيش لوهاڻو، پرڀولال لوهاڻو، جئه بچاڻي ۽ اشوڪ لولي سميت وڏي تعداد ۾ چڪي مالڪن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ٿرپارڪر ۾ ڪڻڪ جي نقل تي پابندي ۽ ضلعي بندي سبب ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران ٿي پيو آهي، ضلعي بندي ختم ڪئي وڃي، مطالبا نه مڃيا ويا ته اڻڄاتل مدي تائين چڪيون بند رهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button