پاڪستانسنڌ

خيرپور يونيورسٽي ۾ وي سي خلاف جساف جي ريلي، ڌرڻو

خیيرپور: جساف مرڪزي سڏ تي لطيف يونيورسٽي ۾ جساف مرڪزي صدر اشرف ڪلھوڙو، جساف مرڪزر جنرل سيڪريٽري ياور خان مھيسر، جساف لطيف يونيورسٽي صدر فيض فلپوٽو، قلب عباس سولنگي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪينٽين کان ريلي ڪڍي مختلف ڊپارٽمينٽ جو گشت ڪيو ويو، جنهن بعد سينٽرل لائبريري وٽ ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي جساف جي مرڪزي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته لطيف يونيورسٽي ڪرپشن جو ڳڙھه بڻجي وئي آھي، وي سي پروفيسر خليل ابوپوٽو يونيورسٽي جي اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آھي، رجسٽرار ابوپوٽو آھي ۽ ايڊمن ۾ تقريبن ابوپوٽا ملازم ويٺا آھن، يونيورسٽي جي شاگرن کي ٽوئر نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي، ڪتابن جا پئسا هڙپ ڪيا پيا وڃن، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر استاد آھي، ڊائريڪٽر ايڊميشن استاد آھي، ٽرانسپورٽ چيئرمين استاد آھي، يونيورسٽي جي اندر جعلي ڊگرين جو ڪم رجسٽرار جي سرپرستي ۾ ٿي پيو، يونيورسٽي مان سياسي ھائوسن جي مداخلت ختم ڪئي وڃي، شاگردياڻين کي مارڪن جي آڙ وٺي بليڪ ميل ڪندڙ استادن جو احتساب ڪيو وڃي، شاگردن کي ميس جي ماني کي بھتر ڪري شاگردن کي معياري کاڌو مهيا ڪيو وڃي، پوائنٽس جي کوٽ پوري ڪئي وڃي، شاگردن جا رزلٽ ٽائيم سان انائونس ڪيا وڃن، ھر سال ھزارين شاگردن کي ڪاليج سائيڊ کان فيل ڪري انھن کي يونيورسٽي مان پيسا وٺي پاس ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏھن ڪرپٽ وي سي خليل ابوپوٽو ۽ ڪرپٽ رجسٽرار مريد ابوپوٽو کي نه ھٽايو ويو ته عيد کان پو لطيف يونيورسٽي جي گيٽ کان پيادل مارچ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button