لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني واسي پرڻيل عورت پنهنجي مڙس، سهري ۽ ڏيرن سان گڏجي مڙس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. عورت پارس پنهنجي مڙس غلام قادر، سهري غلام حسين، ڏيرن محمد صديق، علي اصغر ڪنڀر ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته ڪجهه سال اڳ منهنجي شادي يار محمد ڪالوني واسي غلام قادر ڪنڀر سان ٿي هئي جنهن مان ٽن سالن جو پٽ آهي ۽ هينئر حمل سان آهيان. هن الزام لڳايو ته بااثر پوليس اهلڪار مائٽ فضل محمد ڪنڀر جي چرچ تي منهنجي ما شاهنواز خاتون وليد ٿاڻي تي منهنجي مڙس، ڏيرن ۽ سهري خلاف اغوا، تشدد ۽ جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ ڪا صداقت ناهي. اسان زال مڙس خوش زندگي گذاري رهيا آهيون پر منهنجي لالچي ما مون کي طلاق ڏياري ٻي هنڌ پرڻائڻ چاهي ٿي.. هن مطالبو ڪيو ته بااثر پوليس اهلڪار فضل محمد ڪنڀر ۽ ما خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close