سنڌ

پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف باقراڻي واسي پيرسن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ اسحاق کونهارو جي رهواسي پيرسن علي محمد ابڙو پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. هن دانهيندي الزام لڳايو ته 2007ع دوران نوجوان پٽ اڪبر علي ابڙو کي جوابدار الهرکيو، رزاق موجائي ۽ ٻين قتل ڪيو، اهڙو ڪيس باقراڻي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدار خلاف داخل ڪرايو پر پوليس هن وقت تائين ڪنهن جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو. آءُ پٽ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سالن کان احتجاج ڪري رهيو آهيان پر ڪنهن نوٽيس ناهي ورتو، جنهن ڪري خدشو آهي ته پٽ جو خون لڙهي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button