پاڪستانرانديون

آئي سي سي جو چيمپيئنز ٽرافي 2025ع پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو اعلان

دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان کي 29 سالن کانپوءِ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) ايونٽ جي ميزباني ملي وئي. آئي سي سي ايندڙ 8 ايونٽن جي ميزبان ملڪن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني پاڪستان کي ڏني وئي آهي. پاڪستان آخري ڀيرو 1996 ۾ آئي سي سي ايونٽ جي ميزباني ڪئي هئي ۽ ان وقت 50 اوورن جي ورلڊ ڪپ جون ڪجهه ميچون پاڪستان ۾ ٿيون هيون. 2008 جي چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ٿيڻي هئي پر حالتن سبب ڏکڻ آفريقا منتقل ٿي وئي هئي.

آئي سي سي جي اعلان موجب ڀارت 2024ع کان 2031ع دوران ٽن آئي سي سي ايونٽن جي ميزباني ڪندو. 2024ع جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندو، 2026 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڀارت ۽ سريلنڪا ڪندا، جڏهن ته 2027 ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڏکڻ آفريقا، زمبابوي ۽ نميبيا کي ڏني وئي آهي. اهڙي ريت 2028ع جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ٿيندو، جڏهن ته ڀارت 2029 ۾ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ڪندو. 2030ع جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا انگلينڊ، آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ گڏيل ميزبان هوندا، جڏهن ته 2031ع ۾ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني گڏيل طور ڀارت ۽ بنگلاديش کي ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button