سنڌ

ڳڙهي تيغو پوليس چوڪي تي حملي ۾ زخمي پوليس اهلڪار فوت

شڪارپور ويجهو 3 ڏينهن اڳ ڳڙهي تيغو پوليس چوڪي تي هٿياربندن جي حملي ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار واحد بخش ڀٽو سکر اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. ٽي ڏينهن اڳ تعلقي خانپور جي ڪچي واري علائقي ڳڙهي تيغو ۾ ڏوهارين پوليس پڪٽ تي فائرنگ ڪئي هئي، نتيجي ۾ ايس ايچ او رالف پٺاڻ ۽ پوليس ڪانسٽيبل واحد بخش ڀٽو زخمي ٿيا هئا، جن کي سکر اسپتال داخل ڪيو ويو هو، ڪالهه لکي غلام شاهه واسي پوليس ڪانسٽيبل واحد بخش ڀٽو زخمن جا سور نه سهندي سکر اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. شهيد اهلڪار جو مڙهه ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،اهلڪار سوڳوارن ۾ چار پٽ، 2 نياڻيون ۽ گهرواري سوڳوار ڇڏيا آهن.شهيد اهلڪار واحد بخش ڀٽو جي جنازي نماز پوليس هيڊ ڪوارٽر شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي. جنهن ۾ ڊي آ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو سميت شهرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي آ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز چيو ته شهيد اهلڪار جي خاندان کي ٻه نوڪريون ۽ حڪومت پاران هڪ ڪروڙ روپيا ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button