بلوچستانپاڪستان

اتحادي پارٽين کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت تي مجبور ڪيو پيو وڃي: فضل الرحمان

ڪوئيٽا: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومت جي ننڍين اتحادي پارٽين جي ڪنڌ تي بوٽ رکي کين گڏيل اجلاس ۾ شرڪت تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته راڻا شميم جي بيان جي عدالتي جاچ ڪئي وڃي، اهو چوٿون اهڙو جج آهي، جيڪو آن ريڪارڊ ۽ حلفي بيان ڏئي رهيو آهي، هر شئي تي مٽي وجهو جي پاليسي سان ڪم نه هلندو. هن چيو ته حڪومت نه پئي هلي، هلائي پئي وڃي، اپوزيشن ميمبرن کي به ڪالز آيون آهن ته گڏيل اجلاس ۾ نه اچجو، هٿ مروڙي قانون ٺاهيندئو ته ان جي ڪا طاقت نه رهندي. سندس چوڻ هو ته ملڪ جبر تحت هلي رهيو آهي، رپورٽون آهن ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن کي سيف هائوسز ۾ موڪليو ويو، حڪومت وٽ زبردستي واري اڪثريت آهي، حڪومت هلي نه پئي ان کي هلايو پيو وڃي، اسان هلندڙن ۽ هلائيندڙن کي به سڃاڻون ٿا، اهو سڀ ڪجهه 19 نومبر کان اڳ ڪرڻ سڀني معاملن کي شڪي بڻائي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button