اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ ٻن ڇوڪرين سان پوليس اهلڪارن جي لڄالٽ

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ ڇوڪرين سان زيادتي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار به ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس اهلڪارن سميت 4 جوابدارن ٻن ڇوڪرين کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ ويڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪندا رهيا، جن کي ايف آءِ اي سائبر ڪرائ گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي موجب جوابدار سبحان خالد جو ٻارڙين سان سوشل ميڊيا ذريعي رابطو ٿيو، جنهن کانپوءِ هن کين هڪ گهر ۾ ملاقات لاءِ گهرايو، جتي ان جو دوست عمران ٻن پوليس اهلڪارن سان گڏ پهتو ۽ ڇوڪرين کي پوليس ريڊ جو چئي ڌمڪايو، پوءِ چئني جوابدارن ڇوڪرين سان گينگ ريپ ڪئي ۽ انهن جون تصويرون ۽ ويڊيوز به ٺاهيون. ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو آهي ته ان جعلي ريڊ دوران ڇوڪرين جون ويڊيوز ٺاهي کين بليڪ ميل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ متاثر ڇوڪرين ايف آءِ اي سان رابطو ڪيو ۽ جاچ کانپوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن ۾ محمد سبحان خالد، رضوان علي، امتياز احمد ۽ ذيشان شامل آهن، جن خلاف ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. سي پي او اطهر اسماعيل چونترا ٿاڻي ۾ مقرر راولپنڊي پوليس جي ڪانسٽيبل رضوان کي معطل ڪري چارج شيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button