پاڪستانسنڌ

ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لا ڪراچي ۾ مظاهرو

ڪراچي : پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان پاڪستان ۽ هندستان جي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ ڪالهه پريس ڪلب ڪراچي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ڪراچي سميت سجاول ۽ ٺٽي جي قيدي مهاڻن جي وارثن سميت فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن ۽ ماهيگير عورتن ۽ ٻارڙن سون جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سندن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جن تي قيدي مهاڻن جي آزادي لاءِ نعرا درج ٿيل هئا. ان موقعي تي فشر فوڪ فورم جي سينيئر اڳواڻ ياسمين شاهه چيو ته سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار دوران سڄي دنيا ۾ مهاڻا سامونڊي حدن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته دنيا ۾ ڪٿي به سامونڊي سرحدن جا نشان موجود نه آهن. هن چيو ته قيدي مهاڻن تي مختلف الزام مڙهي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي سالن جا سال ڌارين ملڪن جي جيلن ۾ قيد ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته هن وقت به 80 کان وڌيڪ پاڪستاني مهاڻا هندستاني جيلن ۽ 558 کان وڌيڪ هندستاني مهاڻا پاڪستاني جيلن ۾ قيد آهن. فشر فوڪ فورم ضلعي سجاول جي صدر نور محمد ٿيهمور چيو ته ضلعي سجاول سان تعلق رکندڙ 26 کان وڌيڪ مهاڻا هن وقت به هندستاني جيلن جون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سامونڊي سرحدن تي پاڻ ۾ مخالفت ۽ دشمنيءَ سبب ٻنهي ملڪن جي غريب مهاڻن جو گھيرو تنگ ٿي ويو آهي، جنهن جي مهاڻن کي بار بار ۽ ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوي ٿي، پر ماهيگيرن جي سمنڊ سان گهڻي محبت ۽ مڇيءَ جي شڪار جي لاءِ صبر انهن کي پاڻ ۾ جوڙي ٿو. ڏکڻ ايشيا جا ملڪ انساني حقن کي مانُ ڏيڻ جي وڏي دعويٰ ڪندا رهيا آهن، پر ماهيگيرن جي انساني حقن جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. يوٿ آرگنائزيشن جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه چيو ته گجرات جي سامونڊي سرحد سنڌ جي سامونڊي سرحد سان گڏ هئڻ باوجود ٻنهي ملڪن ۾ ڪو به بائيليٽرل معاهدو نه آهي، جنهن سان ميري ٽائم بائونڊريز واضح ٿي سگهن، نه ئي ٻنهي ملڪن وٽ ڪو واضح ماهيگيريءَ جا قانون موجود آهن. صرف ميري ٽائم زون ايڪٽ آف انڊيا 1976ع ۽ 1981ع، جنهن هيٺ مهاڻن کي گرفتار ڪري ۽ قيد جي سزا ۾ رکيو ويندو آهي، جنهن جو مثال ريڙهي ڳوٺ ڪراچي جا 3 مهاڻا آهن، جيڪي گذريل 22 سالن کان هندستاني جيلن ۾ قيد آهن. هنن واڳ ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۽ هندستان گڏيل معاهدو ڪن ۽ ماهيگيرن جي گرفتار نه ٿيڻ جو ڪو مستقل حل ڳولين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button