سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ مڙس ۽ سهري تي ڪيس خلاف عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻي جي يار محمد ڪالوني واسي پرڻيل عورت پنهنجي مڙس، سهري ۽ ڏيرن سان گڏجي مڙس مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. عورت پارس پنهنجي مڙس غلام قادر، سهري غلام حسين، ڏيرن محمد صديق، علي اصغر ڪنڀر ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته ڪجهه سال اڳ منهنجي شادي يار محمد ڪالوني واسي غلام قادر ڪنڀر سان ٿي هئي جنهن مان ٽن سالن جو پٽ آهي ۽ هينئر حمل سان آهيان. هن الزام لڳايو ته بااثر پوليس اهلڪار مائٽ فضل محمد ڪنڀر جي چرچ تي منهنجي ما شاهنواز خاتون وليد ٿاڻي تي منهنجي مڙس، ڏيرن ۽ سهري خلاف اغوا، تشدد ۽ جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن ۾ ڪا صداقت ناهي. اسان زال مڙس خوش زندگي گذاري رهيا آهيون پر منهنجي لالچي ما مون کي طلاق ڏياري ٻي هنڌ پرڻائڻ چاهي ٿي.. هن مطالبو ڪيو ته بااثر پوليس اهلڪار فضل محمد ڪنڀر ۽ ما خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button