قومي عوامي تحريڪ سرداري ۽ جاگيرداري نظام خلاف 29 نومبر کان 5 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ مظاھرن ۽ ريلين جو اعلان ڪيو آھي. ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته جاگيرداري ۽ سرداري نظام عوام جي غلامي جو نظام آھي. ان ڏس ۾ 29 نومبر تي ڪنڌڪوٽ، نصير آباد، ڪڙيو گھنور، مڪلي، ميھڙ، مويا، ڳڙھي خيرو، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، 30 نومبر تي ميرپور بٺورو، ٽنڊوباگو، ڪوٽ غلام محمد، شھدادپور، باڊهه، ڏھرڪي، مورو، ڳڙھي ياسين، ٺل، پھرين ڊسمبر تي ماتلي، عمرڪوٽ، جھمپير، ھڱورجا، ڄام صاحب، اسلام ڪوٽ، تنگواڻي، ڪي اين شاهه، 2 ڊسمبر تي ڊگھڙي، ڏيپارجا، وارهه، نئون ديرو، شڪارپور، کروھي، سڪرنڊ، گلشن حديد، ڀرياسٽي، 3 ڊسمبر تي حيدرآباد، ملير، ٽنڊو محمد خان، ميرواهه گورچاڻي، مٺي، مٽياري، ڪوٽڙي، گولاڙچي، 4 ڊسمبر تي شاھپورچاڪر، پپري، ساڪرو، سجاول، ماتلي، عمرڪوٽ، چمبڙ، ناٿن شاهه، ٻھارا، ڏيپلو، ٽنڊو محمد خان، نوابشاهه ۽ 5 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close