سنڌ

يونيورسٽين ۽ ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي

فيڊريشن آف آل پاڪستان يونيورسٽيز اڪيڊمڪ اسٽاف ايسوسيئيشنز سنڌ (فاپواسا) مطالبن جي مڃتا لاءِ اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي فاپواسا سنڌ چيپٽر جي صدر لياقت علي تنيو، آصف علي سمون، قلندر بخش بوزدار ۽ ٻين ڪئي، ريلي ۾ ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ امر سنڌو پڻ شرڪت ڪئي. احتجاج بعد اڳواڻن حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب سنڌ جون يونيورسٽيون انتهائي مالي مشڪلات ۽ مسئلن جو شڪار آهن، ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري سخت ڳڻتي جي لهر آهي. هنن چيو ته وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت به سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي شاگردن جو مسقبل داءُ تي لڳي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button