سنڌ

ڀٽ شاهه يونيورسٽي جي استادن جو وائيس چانسلر خلاف احتجاج

يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاهه ۾ پنج سال اڳ ايڊهاڪ تي ڀرتي ٿيل استادن وي سي ڊاڪٽر پروين منشي خلاف يونيورسٽي جي گيٽ آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اعجاز علي کوسو، ڊاڪٽر علي مراد لنجواڻي، عامر ڪبريا، عبدالنعيم بروهي، عرفان زيب خاصخيلي، قرت العين ابڙو، عروسه سهتو، زوجان ميمڻ، ماريه خشڪ ۽ آمنه شيخ چيو ته اسان 5 سال کان ڀرتي آهيون، يونيورسٽي بورڊ به پڪو ڪرڻ لا چيو آهي، ان باوجود وائيس چانسلر اسانکي پڪو ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن چيو ته صوفي يونيورسٽي ۾ وي سي ڊاڪٽر پروين منشي غير قانوني طور رٽائر ملازمن کي ڀرتي ڪري ايڊهاڪ استادن جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي. ڀرتي ڪيل رٽائر ملازمن کي ويگو گاڏيون ڏئي حقدارن جا حق کسيا پيا وڃن، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button