سنڌ

ڳيريلو ۾ ٽائون ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

ڳيريلي ۾ٽريزري ذريعي ٽائون ملازمن جي پگهارن جي ادائگي لاءِ ٻئي ڏينهن به لالا اورنگزيب پٺاڻ، محمد رمضان جيسر، عبدالهادي منگي، غلام سرور گھمرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي ملازمن دانهيندي چيو ته پنجاب جيان سنڌ جي مڪاني کاتي جي ملازمن جون پگهارون به ٽريزري ذريعي ادا ڪيون وڃن. هنن چيو ته 29 نومبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين تالابندي ڪري ملازمن جون پگهارون ٽريزري ذريعي ادائگي لاءِ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button