سنڌ

ڀٽ شاهه ۾ وڪيل جي گهر مان 10 تولا سون ۽ 3 لک روڪ چوري

ڀٽ شاهه جي ٻگهيا پاڙي ۾ نامعلوم چور وڪيل فهيم اختر جي گهر ۾ گهڙي 10 تولا سونا زيور ۽ 3 لک روپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا. ان ڏس ۾ گهر ڌڻين ٻڌايو ته اسان ڪراچي ويل هئاسين، گهر خالي هو ته چور داخل ٿي ڪمري ۽ الماڙي جا تالا ٽوڙي 10 تولا سون ۽ 3 لک روپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا آهن. هوڏانهن اهڙي اطلاع تي ايس ايڇ او اظهر منگي جي اڳواڻي ۾ پوليس پهچي گهر جو معائنو ڪيو. جڏهن ته ايڊووڪيٽ فهيم اختر راجپوت ٿاڻي تي چوري جي رپورٽ داخل ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button