اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور ڪوڙو لڳي ٿو:اعتزاز احسن

اسلام آباد :سينيئر سياستدان ۽ بئريسٽر اعتزاز احسن گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج راڻا شميم جي حلفي بيان کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته راڻا شميم جو حلفي بيان ظاهري طور تي ڪوڙو آهي. اهو حلفي بيان ماضي جي ڪيلبري فونٽ ۽ قطري خط جهڙو دنگل آهي. ڪوبه چيف جسٽس کلي عام اهڙي طرح جون هدايتون نٿو ڏئي سگهي. جسٽس عامر فاروق نوازشريف ۽ مريم نواز جي اپيلن تي شنوائي ڪندڙ بينچ ۾ شامل نه هو ۽ ان وقت هو ملڪ ۾ به نه هو. اعتزاز احسن چيو ته ان ۾ ڪابه شڪ جي ڳالهه نه هجڻ گهرجي ته راڻا شميم جي حلفي بيان پٺيان ڪير آهي. هن جو ڀاءُ 6 تاريخ تي فوت ٿيو ۽ هو 8 تاريخ تي لنڊن ۾ حلفي بيان تيار ڪري رهيو هو. لنڊن مان اهو حلفي بيان تيار ڪيو ويندو آهي. سڀني کي خبر آهي ته لنڊن نوازشريف جو گهر آهي، نوازشريف اڄ تائين پنهنجو مني ٽريل ته ڏئي ناهي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button