پاڪستانپنجاب

عمران خان اپوزيشن ۾ ويهي ها ته ڪا قيامت نه اچي ها:شاهد خاقان عباسي

اڳوڻي وزيراعظم ۽ نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو ڪو به خطرو ناهي، جيڪڏهن اسان حڪومت ۾ نه اچون ها ته ملڪ 6 مهينن اندر ڊيفالٽ ٿي وڃي ها. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مفاهمت جو بادشاهه ڪير به ناهي هوندو، آصف علي زرداري اتحادي حڪومت جو حصو آهي، آئين جي بالادستي کانسوا ملڪ نٿو هلي سگهي. هن چيو ته ڊالر مارڪيٽ مطابق هلندو آهي ۽ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جي ذميواري ناڻي واري وزير کي قبول ڪرڻي پوندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي دور ۾ دوست ملڪ ڪا ڳالهه مڃڻ لا تيار نه هئا، ڪو ادارو ڳالهائڻ لا تيار نه هو، عمران جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويهي رهي ها ته ڪا قيامت نه اچي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button