سنڌ

پروفيسر اجمل ساوند جا قاتل سرڪار کان به زور، سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي

ڪنڌڪوٽ پوليس آ بي اي سکر جي قتل ڪيل پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قاتلن کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي، قبيلائي جهالت جون گوليون کائي علم جي واٽ کان اجل جي راهه تي موڪليل اجمل ساوند جي قتل ۽ سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته قبيلائي تڪرارن ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آھن ۽ خاندانن جا خاندان تباهھ ٿيا آھن، ان جا ذميوار سردار ۽ جاگيردار آھن، سنڌ واسين کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو. تفصيل موجب پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لا حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر جان محمد جوڻيجو، رستم لاشاري، ناري تحريڪ جي صدر حاڪم زادي ٿيٻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريڊيو پاڪستان چوڪ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر هئا جن تي قبائلي جهيڙن ۽ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل خلاف نعرا لکيل هئا. ٽنڊي محمد خان ۾ اقبال حاجاڻو جي اڳواڻي ۾ ايس ٽي پي ھائوس کان ريلي نڪتي جيڪا پريس ڪلب اڳيان ختم ٿي. جيڪب آباد ۾ ترقي پسند ھائوس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو. قمبر شهدادڪوٽ ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي حڪومتي خاموشي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ محمد صادق لاشاري، اختر بليدي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهر جي سياسي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، وڪيلن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سکر ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران محمد علي شيخ، نومي سنڌي ، ظفر کوسو، ڪامريڊ واحد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، دادو ۾ ڪارڪن محبوب لاکير جي اڳواڻي ۾ رستن تي نڪري آيا. ٻئي طرف ڄامشورو، ميرپور ماٿيلو، نوشھرفيروز، ٽنڊوالھيار، بدين، چيلھار، نواب شاھه، ٺل، مٺي، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٺٽو، سجاول، ملير، مٽياري، کوسڪي ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري پروفيسر اجمل ساوند جي خون سان انصاف جا مطالبا ڪيا ويا. ايس ٽي پي ضلعو اولھه ڪراچي طرفان رجب علي مگسي جي اڳواڻي ۾ سھراب ڳوٺ کان گڏاپ پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ۽ قاتلن جي گرفتاري جي گھر ڪئي وئي. ايس ٽي پي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي سنڌ جي اتر وارن علائقن ۾ قبائلي جهيڙا ۽ ڌاڙيل فيڪٽر کي زنده رکيو ويو آهي، اسان سنڌ مٿان مڙهيل انهن بيڪار رسمن ۽ جاگيرداري سسٽم خلاف جدوجهد ڪري عوام جي ترجماني ڪندا رهنداسين، سنڌ مان هٿيار، جاگيرداري ۽ ڌاڙيل فيڪٽر ختم ڪري نوجوانن کي تعليم ڏانهن راغب ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسي پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ اندر جاگيرداري ۽ سرداري نظام سبب بيگناھه انسانن جو رت وھي رھيو آھي‏، پروفيسر اجمل ساوند سميت قبيلائي تڪرارن ۾ ضايع ٿيل انساني جانين جا ذميوار سردار ۽ جاگيردار آھن، اجمل ساوند جي قتل خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي پر حڪمران ڪن لاٽار ڪري رھيا آھن، ڇو ته پ پ پ سميت جيڪي وفاقي پارٽيون آھن اهي جاگيردارن ۽ وڏيرن کي تحفظ ڏئي رھيون آھن. اھي پارٽيون پورھيت طبقي کي صرف ووٽ جي منڊي سمجھن ٿيون، ان ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ھاڻي سجاڳ ٿي جاگيردارن ۽ ڀوتارن مان پنھنجي جان آجي ڪرائڻ گھرجي، جنھن لاءِ ھنن کي پنھنجي ووٽ جي طاقت جو درست استعمال ڪرڻو پوندو. جيستائين جاگيردارن، وڏيرن، سردارن ۽ ڀوتارن کان اقتدار نه کسيو ويندو تيستائين سنڌ جو پورھيت طبقو پيڙھجندو رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button