پاڪستانسنڌ

آئين جي تحفظ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين:آصف علي زرداري

پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي آئين خلاف ڪيل ڪمن سبب ملڪ ڏکئي وقت کي منهن ڏئي رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته سڀ آئين تي عمل ڪريون، قوم ۽ مُلڪ جي مستقبل جي فيصلن جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي ۽ ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي. 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڳوڻي صدر چيو ته آئين جي تحفظ لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين، شهيد ذوالفقار ڀٽو 1973ع جي آئين جي صورت ۾ قوم کي اهڙو تحفو ڏنو، جنهن تي قومي اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جون صحيحيون ٿيل آهن. هن چيو ته مادرِ جهموريت نصرت ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ جي انهن هيروز کي سرخ سلام جن آئين جي بحالي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. آصف زرداري وڌيڪ چيو ته چونڊيل پارليامينٽ ئي عوام جي سڀ کان وڏي عدالت آهي، ان عوامي پارليامينٽ آڏو سڀني کي سر جهڪائڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button