بوزداروڏا (ن، سنڌ ايڪسپريس) 6 مهينا اڳ بوزداروڏا لڳ ڳوٺ دريا خان جويو جي رهواسي پورهيت 35 سالن جي ممتاز علي جويو وڻ تان ٽاري ڪٽيندي ڪري زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پو هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو. جڏهن ته غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي ۽ گهر ۾ بي يارو مددگار کٽ تي پيل آهي. ان حوالي سان پورهيت جي ڀاءُ نياز علي جويو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڀاءُ 6 مهينا اڳ وڻ تان ٻڪرين لاءِ ٻٻر ڪٽي رهيو هيو ته وڻ تان هيٺ ڪري زخمي ٿي پيو ۽ هيٺيون ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو، جڏهن ته ڦٽ ناسور بڻجي ويا آهن، غربت سبب علاج ن ڪرائي سگهيا آهيون. هن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي ڀاءُ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close