پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ شاگردن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف جسقم جو پيادل مارچ

خیيرپور: شاهھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن تي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف جسقم ۽ جساف ضلعي خيرپور جي ڪارڪنن يونيورسٽي جي مين گيٽ کان پريس ڪلب خيرپور تائين پيادل مارچ ڪري يونيورسٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. لانگ مارچ جي اڳواڻي جسقم جو سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، اياز ڪورائي، اشرف ڪلھوڙو، ياور خان مهيسر، راجا خان بليدي، ڪميل ابڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاهھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو وائيس چانسلر خليل ابوپوٽو ۽ رجسٽرار مريد ابوپوٽو ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، وائيس چانسلر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري پنهنجي من پسند ماڻھن کي اڌر ڪيڊر پوسٽن تي مقرر ڪيو آهي. ھنن چيو ته 7 اپريل تي شاگرد يونيورسٽي اندر شھيد بشير خان قريشي ورسي ۾ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي ته پوليس گھرائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪروڙين رپيا وٺي سليڪشن بورڊ ۾ 140 اسسٽنٽ پروفيسر کنيا ويا آهن، يونيورسٽي اندر جعلي ڊگرين جو ڪاروبار عروج تي آهي، يونيورسٽي انتظاميه شاگرد دشمن پاليسيون جوڙي پرامن شاگردن ۽ جساف ڪارڪن مٿان ڪوڙا دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا آهن. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جساف ڪارڪن رشيد سنڌي کي آزاد ڪيو وڃي، قلب سولنگي مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ ڪرپٽ وي سي ۽ رجسٽرار کي هٽائي شاگردن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. جڏهن ته جسقم جي سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ وي سي خليل ابوپوٽو، رجسٽرار مريد ابوپوٽو، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽ افيئر مسيع الله جتوئي، نياز عباسي ۽ اعجاز ميتلو کي نه ھٽايو ويو ته عيد کانپوءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشيءَ جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي گيٽ اڳيان ھزارين ڪارڪن تاريخي ڌرڻو ھڻندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button