پاڪستانسنڌ

بوزداروڏا ۾ وڻ تان ڪري زخمي ٿيل پورهيت هلڻ ڦرڻ کان لاچار

بوزداروڏا (ن، سنڌ ايڪسپريس) 6 مهينا اڳ بوزداروڏا لڳ ڳوٺ دريا خان جويو جي رهواسي پورهيت 35 سالن جي ممتاز علي جويو وڻ تان ٽاري ڪٽيندي ڪري زخمي ٿي پيو هو، جنهن کان پو هلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو. جڏهن ته غربت سبب علاج ڪرائڻ کان قاصر آهي ۽ گهر ۾ بي يارو مددگار کٽ تي پيل آهي. ان حوالي سان پورهيت جي ڀاءُ نياز علي جويو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڀاءُ 6 مهينا اڳ وڻ تان ٻڪرين لاءِ ٻٻر ڪٽي رهيو هيو ته وڻ تان هيٺ ڪري زخمي ٿي پيو ۽ هيٺيون ڌڙ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو، جڏهن ته ڦٽ ناسور بڻجي ويا آهن، غربت سبب علاج ن ڪرائي سگهيا آهيون. هن اختيارين کان گهر ڪئي ته اسان جي ڀاءُ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button