پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ وحشي جوابدار طرفان معصوم ٻار سان زيادتي

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالھيار شھر جي علائٔقي اشفاق ٽائٔون ۾ 6 ورھين معصوم نينگر سان مبينا جنسي زيادتي ڪئي وئي. هڪ وحشي جوابدار معصوم ٻار سان جنسي زيادتي ڪئي. ٻئي پاسي متاثر ٻار کي سندس والد وومين ٿاڻي تي کڻي پهتو، جتي واقعي جي رپورٽ داخل ڪري پوليس کيس ميڊيڪل لا ليٽر جاري ڪيو، جيڪو پٽ کي کڻي سول اسپتال روانو ٿي ويو. رپورٽ داخل ٿيڻ بعد پوليس جوابدار جي گرفتاري لا ڇاپو هنيو، پر هو هٿ نه آيو. معلوم ٿيو آهي ته 18 ورهين جي جوابدار معصوم ٻار کي راند کيڏڻ جي بهاني وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو. ان سلسلي ۾ نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار اسان جي ٻار کي ورغلائي راند کيڏڻ جي بهاني پاڻ سان وٺي وڃي ظلم ڪيو. نينگر جي والد ايس ايس پي ٽنڊوالھيار ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان غريبن کي انصاف ڏياري جوابدار کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button